درد ونديءَ جـو ديـس

درد ونديءَ جـو ديـس

درد ونديءَ جو ديس

درد ونديءَ جـو ديـس (ڪتاب): هي ڪتاب، نامور اديب ۽ ڪهـاڻيڪار حميد سنڌيءَ جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي، جنهن ۾ 10 ڪهاڻيون شامل آهن. ڪتاب جي ابتدا ۾ ليکڪ ’ سنڌ جي تاريخ جا پنا اڇا آهن‘ سري هيٺ پنهنجي ادبي سفر ۽ ڪهاڻيءَ جي ارتقا بيان ڪئي آهي، جڏهن ته برک اديب، ناول نگار، ڪهاڻيڪار ۽ ڊراما نويس آغـا سـليــم، قـمـر شهباز، ماهتاب محبوب ۽ خواجـه سـليــم جـا به هن ڪتاب ۾ رايـا شـامل ڪيا ويا آهن.
آغا سليم ’حقيقت پسند ڪهاڻيڪار‘ عنوان هيٺ لکيو آهي ته، ”حميد جي ڪهاڻين ۾، جنهن ڳالهه سڀ کان وڌيڪ منهنجو ڌيان ڇڪايو، اها وقت جي بي رحميءَ جو غمناڪ ۽ ڏکوئيندڙ احساس آهي...“ سندس گهڻي ڀاڱي ڪهاڻيون حال کان ماضيءَ ڏانهن سفر ۽ فليش بئڪ ۾ آهن، جن ۾ ماضي، حال کان وڌيڪ آهي.
ڊيمي سائيز، خوبصورت ٽائيٽل ۽ 260 صفحن تي مشتمل هيءُ ڪهاڻي ڪتاب، زندگي پبليڪيشن، حيدرآباد، 2002ع ۾ ڇپايو، جنهن جي قيمت 100 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو